ارجن آسومل ڀنڀاڻي

ارجن آسومل ڀنڀاڻي: 8 سيپٽمبر 1942ع تي شهر ٺاروشاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بيءَ جا امتحان پاس ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت جي شهر احمد آباد لڏي ويو.
هيءُ ڊرامن جي اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ سنگيتڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. اٽڪل 30 ناٽڪن ۽ ريڊيو ڊرامن جهڙوڪ ’سماج سيوڪ‘، ’اسان جو به ڪو زمانو هو‘، ’نيلام‘، ’ڪاري ڪنوار‘ ۽ ’مرچوءَ جي ماءُ‘ وغيره ۾ ڪم ڪيل اٿس، گائڪ ۽ سنگيتڪار جي حيثيت ۾ 40 کن گيت ڪمپوز ڪري ڳايل ۽ جدا جدا شهرن ۾ سنگيت پروگرام ڏنل اٿس، آل انڊيا ريڊيو تان پڻ ڪيترائي دفعا پروگرام ڪيا اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.09.08  عيسوي

ارجن آسومل ڀنڀاڻي: 8 سيپٽمبر 1942ع تي شهر ٺاروشاهه ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روشن عطا
رامچندر ڀڳت
سيد غلام حيدر شاھ
ستار حسين خان
ثابت علي شاهه ثالث
جان ملٽن
شونالي ناگراڻي
علي احمد قاضي ڊاڪٽر
ڀائي خان
اوڌو داس تاراچند راءِ بهادر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون